صحرائي لومڙ

صحرائي لومڙ

صحرائي لومڙ

صحرائي لومڙ (Indian Desert fox): هي جانور ايشيا، يورپ، اُتر آمريڪا ۽ آسٽريليا جي صحرائن، ٻيلن ۽ جابلو علائقن ۾ رهي ٿو. هن جو قد 30 کان 35 انچ هوندو آهي ۽ هن جو پـُڇ هڪ فوٽ کان ڏيڍ فوٽ ڊگهو ٿيندو آهي. هن جي پـُٺي ۽ پـُڇ جو رنگ ڳاڙهو سرمائي هوندو آهي. پـُڇ ٿلهو بـُجدار هوندو اٿس. صحرائي لومڙ جوڙيءَ ۾ چرون ٺاهي رهندا آهن. هيءُ جانور ڏينهن رات شڪار جي ڳولها ۾ رهندو آهي. ڪوئا، نانگ ۽ جيت هن جو خاص شڪار آهن. هي جانور سها ۽ پکي به ماري کائيندو آهي. ان کانسواءِ ڪجهه ميوا به کائيندو آهي. صحرائي لومڙ شڪار جو پيڇو ڪري ان کي ٿڪائي ٿڪائي ماريندو آهي. ان کانپوءِ وات ۾ کڻي وڃي ڪنهن محفوظ جاءِ تي ويهي کائيندو آهي. بچيل گوشت زمين ۾ کڏ کوٽي ان ۾ دٻائي لڪائيندو آهي ۽ پوءِ ضرورت وقت ڪڍي کائيندو آهي. صحرائي لومڙي 50-55 ڏينهن ٻچو پيٽ ۾ رکي ٿي ۽ هڪ وقت ۾ ٽي کان ٻارهن ٻچا ڏئي ٿي. هي لومڙ سڄي دنيا ۾، خاص ڪري ٿڌن ملڪن ۾ پنهنجي نرم پشم سبب گهڻو شڪار ٿي رهيو آهي.


لفظ صحرائي لومڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو